ٻارکيون

ٻارکيون/ ٻانهن رکيون: هي ٻانهن ۾ پائڻ جو زيور آهي، جيڪو جستي چانديءَ (گهٽ درجي واري چانديءَ) مان ٺهندو آهي. هي زيور بلوچ ڪونه پائين، پر سماٽ ذاتين جي پائڻ جو زيور آهي. ’ٻانهن رکي‘ کي ڪل ٻارهن اکيون ٿينديون آهن. هر هڪ ٻارکيءَ ۾ ڇهه اکيون هونديون آهن. ٻنهي ٻانهن ۾ حصا آهن. هڪ ٻارکيءَ ۾ هڪ هڪ جهاٻو هوندو آهي. جهاٻي جا مکيه حصا کوپو، ڏول ۽ پترو ٿيندا آهن. کوپي کي ”منزل وارو کوپو“ به چوندا آهن. سونارا ٻارکيون تيار ڪندا آهن ۽ پوءِ پوچ وارو پوئي ٻارکيون پهرڻ لائق بنائيندو آهي. ٻارکين جو هاڻ ڪم گهڻو گهٽجي ويو آهي .


لفظ ٻارکيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو