ٻاليشاھي

ٻاليشاھي: ھن قبيلي جا چار پاڙا مشھور آھن، ڀنگي، ڇچٽائي، باھو ۽ تيجي. گھڻو ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ رھن ٿا، ٻھاري پائڻ ۽ گندگي ميڙڻ جو ڪم ڪن ٿا. ٻاليشاھين کي سندن ڪم مطابق ڀنگي ۽ ”چھڙو“ به سڏيو وڃي ٿو، ھو خوش اخلاقيءَ سبب ”حلال خور“ جي ھندستاني نالي سان به سڏبا آھن ۽ شاھي لقب تي فخر ڪندا آھن. ٻاليشاھي، پنھنجي قبيلي اندر شادي ڪندا آھن، ھو شھرن ۽ ڳوٺن جي ٻاھران رھندا آھن. سندن گذران شڪار ۽ سندن خاص پيشي تي ھوندو آھي، جنھن لاءِ گھر- گھر کان مھيني ۾ ڪجهه نه ڪجهه وٺندا آھن، ھنن کي عام طور مسلمان نٿو ليکيو وڃي، جيتوڻيڪ ھو طھر ڪرائيندا آھن، ڪلمو پڙھندا آھن، نماز پڙھندا آھن، پيرن جي تعظيم ڪندا آھن ۽ ملن کي شادين توڙي غمين تي سڏائيندا آھن. عام مسلمان کين مسجد ۾ اچڻ جي منع ڪندا آهن، ڇو ته سندن نظر ۾ ھو مئل جانور کائيندا آھن .


لفظ ٻاليشاھيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو