ٻانڌاڻ

ٻانڌاڻ: مقرر ٿيل لوازمو يا زمينداريءَ جو رڪب، ڪجهه وقت اڳ (اڌو اڌ بٽئيءَ کان اڳ واري قانون) زميندار جي طرفان ھاريءَ تي ڪي رڪب رکيل ھوندا ھئا، جيڪي ھاري پنھنجي حصي مان ادا ڪندو ھو، انھن جو تفصيل ھن طرح آھي: زميندار جي گھوڙي جو داڻو ھڪ ٽويو، زميندار جي اوطاق جو خرچ ھڪ ٽويو، يارھين ۽ خيرات جو خرچ ھڪ ٽويو وغيره. انھيءَ خرچ کي ”ٻانڌاڻ“ چوندا ھئا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو