ٻانڌلو

ٻانڌلو: ٻانڌلو معنيٰ پترو يا پٽو. سونارا ٽامي جي چوڙين مٿان چانديءَ جي پتري چاڙهڻ جي عمل کي ”ٻانڌلو“ چوندا آهن. ٽامي جون چوڙيون ٺاهي اُن مٿان پترو چاڙهي، اُن جو منهن ملائي، ٽانڪو ڏئي صاف ڪري چوڙيون تيار ڪندا آهن. انهيءَ جي ٻاهران چانديءَ جو پترو چاڙهيندا آهن. اهو پترو جيستائين گسي ختم نه ٿيندو آهي، تيسين تائين اهو چانديءَ جو زيور سمجهيو ويندو آهي ۽ پردي لهڻ کانپوءِ رپيو به ڪو نه ڪندو آهي. ڪيترائي سونارا ٻانڌلي مان تيار ڪيل چانديءَ جا زيور سستا وڪڻندا آهن. پر ڪي سونارا صل چانديءَ جي اگهه ۾ به وڪڻي نفعو ڪمائيندا آهن. البته اهي زيور جڏهن ماڻهو سونارن کي واپس ڪندا آهن، تڏهن ٻانڌلي جو زيور سونارا ڏسڻ سان پرکي ويندا آهن ۽ انهيءَ جا پئسا ماڻهن کي تمام گهٽ ڏيندا آهن .


لفظ ٻانڌلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو