ٻانڌي

ٻانڌي: نوابشاهه ضلعي (هاڻي بينظيرآباد) ۾ ھڪ شھر، جيڪو نوابشاهه- پڊعيدن ريلوي لائين تي آھي، نوابشاهه کان اتر طرف، دوڙ شھر کان پوءِ ريلوي لائين تي ٻانڌي ريلوي اسٽيشن ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ وارو شھر آھي. روايت آھي ته ھيءَ شھر ”ٻانڌي“ نالي ھڪ عورت جي ڪري آباد ٿيو. ھتي سنڌو درياهه يا ان جي ڪا ڇاڙ وھندڙ ھئي، ان کان بچاءَ لاءِ ٻنڌ ٻڌائون، بعد ۾ ٻنڌ مان ڦري ھيءَ شھر ”ٻانڌيءَ“ نالي مشھور ٿيو .
ھتي زراعت پيشه ماڻھن جي گھڻائي آھي، سرڪاري اسڪول ۽ ديني مدرسا پڻ آھن. اصل پراڻي ٻانڌي، موجوده ريلوي اسٽيشن ۽ نئين شھر کان اولهه پاسي ”ھبيريءَ“ جي ڀر ۾ آباد آھي .


لفظ ٻانڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو