ٻاپڙا

ٻاپڙا: هڪ قبيلي جو نالو. ٻاپڙن جو پهريون سردار ڄام ”ٻاپڙو“ هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ يا اولاد مان ڄام تهاري تي پڳ آئي، جنهن جي اولاد مان بولاخان پٽ صفر پٽ دودن پٽ بهادر پٽ ٻاپڙو پٽ ڄام تهاري، جيڪو وڏي بخت ۽ اقبال وارو ٿيو ۽ کيس ”مَلَڪَ“ جو خطاب مليو. ملڪ بولاخان جي پٽ حيدر خان کي ٻه پٽ ٿيا: هارون خان ۽ ملڪ بولاخان (ٻيو). ملڪ بولاخان کي ٻه پٽ ٿيا: جيئند خان ۽ سالار خان. سالارخان جو پٽ بولاخان، جنهن جو پٽ علي بخش خان ٿيو. ٻاپڙن جي پڳ سان جيڪي قبيلا هئا، سي ٻاپڙا، پالاري، حماتي، ٽينگيا، تارا، هيلايا، ٻٻر، بهراڻي (ٻارچ) ۽ گندرا هئا. انهن قبيلن کان سواءِ جاکرن، سومرن، آٺن، کُڏائين ۽ خاصخيلين جا راڄ ساڻن ڀيڙا هئا. ملڪ بولاخان جي وفات کان پوءِ ٻاپڙن جي جدا پڳ ختم ٿي ۽ پڳداري يڪي حملاڻين ۾ آئي ۽ هن وقت ملڪ اسد سڪندر خان پڳدار آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو