ٻاڙمير

ٻاڙمير (Barmer ):ٻاڙمير، ڀارت جي صوبي راجستان جو ضلعو آهي. ڪاروباري لحاظ کان هن شهر کي راجستان جي مکيه شهر جي حيثيت حاصل آهي. ٻاڙ مير راجستان جو ٻيو نمبر وڏو ضلعو آهي. هن ضلعي جي ڪل ايراضي 28387 ڪلو ميٽر آهي. ٻاڙمير سنڌ جي سرحد کان 270 ڪـلـو مـيـٽرن جـي پـنـڌ تي آهـي. هـيءُ سـمنڊ جي سـطح کان 3727 فـوٽ (1136 ميٽر) مٿي ۽ پکيڙ ۾ 22 ڪلو ميٽر آهي. مختلف موسمن ۾ هن جو گرمي پـد مـٿـي چـڙهـي 51oC کـان 46oC ٿـي ويـنـدو آهـي. سـياري ۾ وري (41oF)OoC ٿي ويندو آهي. ٻاڙمير ۾ هڪ سال اندر سراسري برسات 277 ملي ميٽر پوندي آهي. هن ضلعي جا اڪثر ماڻهو ٿر جي ٻني ڪن ٿا ۽ مال چاريندا آهن. هن شهر تي ٻاڙمير نالو هڪ حاڪم ٻهڙارائو پرمار
(Bahada Rooparmar) جي نالي تان پيل آهي. هيءُ شهر 13 صدي ۾ آباد ٿيو. ٻاڙ مير جي 2001ع ۾ آبادي 83517 هئي. جنهن ۾ مرد 54 سيڪڙو ۽ عورتون 64 سيڪڙو هيون. انهيءَ شرح ۾ هينئر اضافو ٿيو آهي. ٻاڙ مير ڪاٺ تي اُڪر ڪرڻ، تراشڻ ۽ ان جي فرنيچر جي ڪم جي لحاظ کان مشهور آهـي، هـتي بلاڪ پرنٽنگ انڊسٽري کانسواءِ ڪپڙي جي صنعت به آهي. ٻاڙمير ۾ ڪيترائي ميلا لڳندا آهن. جنهن ۾ مشهور ميلو چوپائي مال جو آهي، جيڪو هر سال تلوارا ڳوٺ ۾ لوڻي نديءَ جي ڪناري تي لڳي ٿو. جيڪو اپريل ۽ مارچ جي مهيني ۾ منعقد ٿئي ٿو. ٻاڙمير ۾ تمام گهڻا سنڌي قبيلا رهن ٿا، جن ۾ اڪثريت هندن جي آهي. ٿر ۽ ٻارميڙ جي هنرن ۾ هڪجهڙائي آهي، اتي جي بازارن ۾ اجرڪ سميت ۽ ٿر جو ڀرت عام وڪري لاءِ رکيل هوندو آهي.


لفظ ٻاڙميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو