ٻاڦ

ٻاڦ: اُٻ، بُخار (پاڻيءَ جو). پاڻيءَ جو گرميءَ جو درجو ٽھڪڻ جي حد کي رسندو ته پاڻي ٻاڦ جي صورت وٺندو آھي. ٻاڦ ھوا کان ھلڪي ٿيندي آھي، تنھنڪري مٿي چڙھي، ٿڌ جي ڏاڪي کي پھچي، ڪڪرن جي صورت وٺندي آھي. ١٧ صدي عيسويءَ ۾ ٻاڦ جي طاقت کي استعمال ڪري ڪلون (انجڻيون) ھلايون ويون ھيون جيڪي پوءِ تيل (پئٽرول) ۽ بجليءَ جي زور تي ھلايون ويون. اڃا تائين ڪن ھنڌن تي داٻ جون وڏيون ڪلون ٻاڦ جي طاقت سان ھلايون وينديون آھن. ٻاڦ جي طاقت استعمال ڪرڻ جو خيال ڪنھن سائنسدان کي چلهه تي چڙھيل ڪني کي ڏسي پيدا ٿيو، جنھن جي ٻاڦ، ذري ذري ڍڪڻ کي ھٽائي ٿي ڇڏيو .


لفظ ٻاڦھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


توانائي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بايو گئس
ٻاڦ
برق
توانائي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون