ٻاگھل

ٻاگھل: ھڪ ذات جو نالو، ھن ذات جا ماڻھو لاڙ ۾ ساڱري درياهه جي ڪپ سان رھندا ھئا، بدين ضلعي جي شھر راڄي خاناڻيءَ جي ڀرسان ديهه ”ٻاگھلاڻي“ ۽ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٻاگھلن جا وڏا آباد ھئا، جن جا آثار اڄ به چٽا ڏسجن ٿا. ٻاگھلا، چارا ۽ گجر لاڙ جون مشھور ذاتيون آھن، جيڪي سومرن جي دور ۾ سنڌ مان ڪڇ ڏانھن لڏي ويون ۽ پوءِ مختلف جاين تي وڃي رھيون. پر ٻاگھلا گجرات ڏانھن ھليا ويا، جتي ھنن پاڻ کي ”واگھلا“ سڏايو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو