ٻراڙي

ٻِراڙي: ھڪ قسم جي بيماري، جنھن ۾ ھڪ ڀيرو زخم ٿيو ته ڪو نه ڇٽندو، پاڻان وڌندو ويندو. آڳاٽي زماني ۾ انھيءَ بيماريءَ جي سبب ۽ علاج جي خبر به نه ھوندي ھئي، پر ھاڻي گذريل ستر / اسي سالن کان وٺي معلوم ٿيو آھي ته اھا بيماري مٺن پيشابن جي ڪري ٿيندي آھي. عام طرح انھيءَ بيماريءَ ۾ اول ڪنڌ ۾ يا پٺن ۾ ڳڙ ٿيندو آھي، جيڪو وڌندو ويندو، پر ڇٽندو ڪونھي، يعني گوشت کاڄندو ويندو آھي. قديم زماني ۾ اھو خيال ھو ته ٻراڙيءَ ۾ ٿيل زخم واري خال ۾ ماڻھوءَ جو گوشت وجھي بند ڪبو ته زخم ڀرجي ويندو، پر اھي سڀ غلط ڳالھيون آھن. ھن وقت ھن بيماريءَ کي روڪي سگھجي ٿو، پر ان جو علاج اڃا تائين معلوم نه ٿي سگھيو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو