ٻرهي

ٻَرَھِي: اھو کير، جيڪو چؤپايو مال ويامڻ بعد ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين ڏينھن ڏئي، جيڪو ڪاڙھڻ سان ڦيڏر ٿي پوندو آھي. ان ۾ ننڍا ڦوٽا ۽ کنڊ وجهي ڪاڙهي استعمال ڪيو ويندو آهي. ڌراڙ اھو کير ڪچو ئي پي ڇڏيندا آھن، جو چون ٿا ته طاقت وارو ٿيندو آھي. ’ٻرھيءَ“ جو اچار ڪٿي ڪٿي ’ٻڙھي‘ ڪيو ويندو آھي. (پهرئين ڏينهن واري کير کي ’پس‘ چئبو آهي. وڌيڪ ڏسو ’پس‘ )


هن صفحي کي شيئر ڪريو