ٻرو

ٻَرو: گاھ جو ھڪ قسم، جيڪو ٿر ۾ نرم وارياسين ڀٽن جي لاهه واريءَ زمين تي ٿيندو آھي . گاهه جو ھيءُ قسم چار فوٽ کن ڊگھو ٿئي ٿو، جنھن جو سنگ ڦاڪدار ٿئي ۽ منجھس ان ٿئي ٿو . ھن گاهه جا پن ٻاجھريءَ جھڙا پر سنھا ھوندا آھن . ھن جي وچين ڏانڊي ڳاڙھي رنگ جي ٿيندي آھي . ھن گاهه جي ان کي پيھي مارو ماڻھو ماني پچائي کائيندا آھن، جنھن جو رنگ ڳاڙھن چانورن جي مانيءَ جھڙو ٿيندو آھي . ڍڳيون ، مينھون ۽ گھوڙا ھن گاهه کي جام کائين ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو