ٻلهڻ

ٻلهڻ

ٻلهڻ

ٻُلهڻIndus blind Dolphin / Platanista gangetica minor:ٻلهڻ حياتياتي ڪٽنب (family) جي لحاظ کان Platanistidae ۽ حياتياتي ترتيب (order) جي لحاظ کان Cetacea سان تعلق رکي ٿي، جيڪو وهيل، ويسر، ويلڙو، مالار، هِم ۽ ٻلهڻ (Whales, porpoises and dolphins) جو طبقو آهي .
ٻلهڻ کي درياهه جي اونهي ۽ لُڙاٽيل پاڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪٿي به پناهه نه ٿي ملي. سنڌو درياهه ۾ ٻلهڻ تي حياتيءَ جا ڏينهن ان وقت کان تنگ ٿيڻ شروع ٿيا جڏهن سنڌوءَ تي 1930 ڌاري سکر بئراج پيو. ان کان اڳ ٻلهڻ سنڌو ڊيلٽا کان ڪشمير جي جبلن جي پاڙ تائين هر هنڌ ڏِسبي هئي. ان کان پوءِ، جڏهن غلام محمد بئراج، گڊو بئراج، چشمه، تؤنسه ۽ جناح بئراج پيا ته ٻلهڻ درياهه جي مختلف حصن يعني، هر ٻن بئراجن جي وچ ۾ قيد ٿي وئي. وڌندڙ زراعت لاءِ درياهه مان کڄندڙ پاڻيءَ سبب جلد ئي پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي وئي. نتيجي ۾ سکر بئراج کان هيٺ ٻلهڻ جو نسل بلڪل ختم ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته سال جو ڳچ حصو سنڌوءَ جو پيٽ بلڪل خشڪ ٿي پئي ويو .
ٻلهڻ جي عادت آهي ته اها چؤماسي يا مينهوڳيءَ ۾ اوڀاري ويندي آهي ۽ جڏهن پاڻي لهندو آهي ته گـهِري پاڻيءَ ڏانهن (بئراج جي ذخيرن) ۾ موٽي ايندي آهي. ٻلهڻ ڪوشش ڪندي آهي ته اها درياهه جي سڀ کان اونهي پاڻيءَ ۾ هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڍورين، واهن ۽ شاخن ۾ به ڦاسي پوندي آهي.، جنهنڪري مري به پوندي آهي. ڪجهه وقت اڳ تائين سنڌ جا مهاڻا ان کي شڪار ڪري، ان جي چرٻي ٻيڙين جي مَک لاءِ استعمال ڪندا هئا. هاڻي شعور ملڻ کان پوءِ ايئن نٿا ڪن .
هن وقت ٻلهڻ جو نسل سنڌوءَ جي ٽن حصن ۾ قيد آهي، سن 2001ع ۾ WWF جي هڪ اڀياس موجب سکر کان گڊوءَ جي وچ ۾ سراسري طرح هر ڪلوميٽر ۾ 3.6، گڊوءَ کان تؤنسه جي وچ ۾ 0.74 ۽ تؤنسه کان چشمه جي وچ ۾ 0.28 داڻا موجود هئا. ان ريت انُ وقت ٻلهڻ جي ڪل آبادي 1100 مس هئي. درياهه جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ ماحولياتي حالتن سبب ٻلهڻ سخت ترين خطري ۾ آهي. ان ريت دنيا ۾ درياهي جيوت جو هي سڀ کان ناياب نسل نابوديءَ جي لسٽ ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. جهنگلي جيوت کاتو ۽ ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان ٻلهڻ جو نسل بچائڻ لاءِ ڪافي تدبيرون هلائي رهيا آهن، پر درياهه ۾ پاڻي آڻڻ سندن وس ۾ نه آهي، انڪري سندن تدبيرون ناڪام ٿينديون نظر اچن ٿيون .
ٻلهڻ هندستان جي گنگا ۽ انهن جي ڀرتي ڪندڙ ندين ۾ به رهي ٿي، جنهن کي ”گنگائي ٻلهڻ“ چئي سگهجي ٿو، هندستان ۾ ٻلهڻ کي سسو (Susu) چوندا آهن. ان جو هنديءَ نالو ’سُو سُو‘ آهي، جيڪو ان جي ساهه کڻڻ جي آواز ’سُو سُو‘ تان ورتو ويو آهي. سائنسدانن گنگائي ٻلهڻ کي Platanista gangtica gangentica نالو ڏنو آهي. اهو نسل هندستان ۾ به خطري ۾ آهي .
ٻلهڻ شڪل شبيهه ۾ مڇيءَ جهڙي ئي ٿئي ٿي. جنهن جو وات سيسر وانگر ڊگهي چهنب جهڙو ٿئي ٿو. پيشاني اُڀي ۽ لاهيدار ٿي. ان جو پيٽ گول ۽ جسم ٿوٻرو ٿئي ٿو. پٺيءَ جو ڦنگ نه هئڻ برابر ۽ چيلهه جو ڪُٻ ڪافي نمايان هوندو اٿس. پاسن جا ڦنگ وڏا ٿيندا اٿس. ٻه ڦاڪو پڇ ڪافي ويڪرو ۽ پکڙيل هوندو اٿس. جنهن جي مدد سان پاڻيءَ ۾ تري ٿي .
ٻلهڻ جون اکيون تمام ننڍڙيون، سنهي سوراخ جهڙيون ٿين ٿيون. انهن ۾ تارا ڪونه ٿين، انڪري ان کي ”انڌي ٻلهڻ“ (blind dolphin) به چوندا آهن. ان هوندي به هيءَ مخلوق اکين سان اونداهي ۽ روشنيءَ جو فرق محسوس ڪري سگهندي آهي. اکين کان محروميءَ سبب هن ۾ آوازي حِسن (sound sensors) يا (echolocation) ذريعي پنهنجو رستو ۽ شڪار مثال: مڇي، جهينگو يا درياهه جي تري ۾ موجود ٻيو ڪجهه ڳولي وٺندي آهي، اها ڪُميون ۽ شايد پکي به کائي ٿي. تري ۾ کوٽهڙي لاءِ چهنب ۽ ڦنگ استعمال ڪري ٿي .
ٻلهڻ جي هڪ ٻي به عجيب عادت آهي، اها پاسيري ترندي آهي، انڪري ڪڏهن ڪڏهن ته اها تمام تانگهي يعني، فقط 30 سينٽي ميٽر (هڪ فٽ) پاڻيءَ ۾ به هلي ويندي آهي. عام طور تي ٻلهڻ درياهه جي تري کان پاڻيءَ جي سطح تائين لڳاتار گولائيءَ ۾ چڪر هڻندي رهندي آهي. ان کي تقريباً 30 کان 60 سيڪنڊن بعد جڏهن تازي آڪسيجن جي ضرورت پوندي آهي ته اها سطح تي اڀرندي آهي ۽ مٿي چڪر هڻي، هوا کڻندي آهي، پوءِ 90 ڊگرين جو ڦيرو کائي وري تري ۾ هلي ويندي آهي. پاسيري تيراڪيءَ جو هي نمونو سنڌو ٻلهڻ کان سواءِ گنگائي ٻلهڻ ۾ به آهي. انهن کان سواءِ دنيا جي ڪنهن به ٻي ڊالفن جي اهڙي عادت نه آهي. ٻلهڻ 24 ڪلاڪ چڪر کائيندي رهندي آهي، بظاهر آرام ڪانه ٿي ڪري، ڇو ته هر 30 کان 40 سيڪنڊن بعد پاڻيءَ جي سطح تي اڀرڻ ان جي مجبوري آهي. هر ڀيري پاڻيءَ ۾ ٽُٻيءَ کان پوءِ عام طور تي پنهنجو رخ بدلائي ويندي آهي. عام طور گهٽ رفتار آهي پر خطري جي احساس مهل درڙي ڀري تيز به ڊوڙي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ بنيادي طرح اڪيلائي پسند آهي، پر انهن جاين تي وڌيڪ نظر ايندي آهي جتي ٻن پاڻين جو سنگم هجي ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو نسبتاً سست هجي .
ٻلهڻ کي پُٺيءَ تي هيٺانهون ڪُٻ ٿئي ٿو. رنگ سرمائي ناسي هوندو اٿس، ۽ پيٽ جو رنگ هلڪو، ڪڏهن ڪڏهن گلابي هوندو آهي. ٻلهڻ جو وزن 70 کان 110 ڪلوگرام (155 کان 245 پائونڊ) ٿئي ٿو، ۽ قد بت ۾ وڌ ۾ وڌ 2.5 ميٽر (8.2 فٽ) ٿئي ٿي. مادي جسامت ۾ نَـر کان وڌيڪ هوندي آهي. ان جو ٻچو کير ڌائي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ڏٺو ويو آهي ته ٻلهڻ پنهنجو ٻچو ڪنڌ يا پٺيءَ تي کڻي مٿي پاڻيءَ جي سطح تي به ايندي آهي .
ٻلهڻ 6 کان 10 سالن ۾ بالغ ٿئي ٿي، 10 کان 11 مهينا پيٽ سان هجي ٿي ۽ سال ۾ ڪنهن به وقت ٻچو ڏئي سگهي ٿي پر ڊسمبر کان جنوري ۽ مارچ کان مئي تائين ان جي افزائش جي عروج جا ڏينهن آهن. ٻچن ۾ وقفو ٻن سالن جو ڪري ٿي. ٻلهڻ جي عمر لڳ ڀڳ 30 سال هوندي آهي. ٻلهڻ جو ٻچو 70 کان 90 سينٽي ميٽر (28 کان 35 انچ) ٿئي ٿو. بالغ ٿيڻ مهل 1.5 کان 2.5 ميٽر جي بالغ ٻلهڻ جي روزاني خوراڪ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلو آهي ۽ ٻچو سال کن ماءُ جو کير ڌائي ٿو .
ٻلهڻ جي چهنب سيسر (واڳونءَ جي هڪ قسم) جهڙي ٿئي ٿي، جيڪو سنڌو ۽ گنگا ندين جي آبي نظام ۾ موجود آهي. ٻلهڻ جي چهنب ان جي جسم جي 5/1 حصي جيتري ٿي سگهي ٿي. ماديءَ جي چهنب نـر کان ڊگهي ٿئي ٿي، جنهن ۾ ان جا اڳيان ڊگها ۽ تکا ڏند ان وقت به نظر ايندا آهن، جڏهن وات بند هوندو اٿس .
گنگا ۽ سنڌو ماٿريون اڄ کان 50 هزار سال اڳ تائين سمنڊ هيٺ هيون ۽ هماليائي ندين جي سڀني ندين جو ڇوڙ انهن ماٿرين مٿان پکڙيل سمنڊ ۾ ٿيندو هو. ان ڪري اهو پاڻي گهٽ کارو ۽ ٻاڙو رهيو هوندو. ان تانگهي سمنڊ ۾ وهيل ۽ ڊولفن جا ڪي قسم موجود هئا. وقت سان سمنڊ پوئتي هٽندو ويو ۽ سنڌو گنگا ماٿريون مٺي پاڻيءَ سان ڀرجنديون ويون. ان جاگرافيائيءَ تبديليءَ دوران ڊالفن جو هڪ قسم Platanista انهن پاڻين جو عادي ٿي ويو ۽ هوريان هوريان ان ماحول ۾ پوريءَ طرح ٺهي ويو. درياهي پاڻين جي لَٽ سبب ان جون اکيون ڏسڻ جي صلاحيت کان قاصر ٿي ويون، ان دوران، قدرتي اصولن تحت هن مماليه ۾ هڪ نئون حِسياتي نظام پيدا ٿيو. اهو نظام آوازي لهرن جي ذريعي شڪار ڳولڻ هو. دنيا جي ٻين کنڊن ۾ ڊالفن جي ڪن نمونن سان ساڳي صورتحال پيش آئي ۽ انهن ۾ به لڳ ڀڳ ساڳيون تبديليون آيون. هن قسم جون ڪل پنج ڊالفن دنيا ۾ آهن، جيڪي ايشيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميرانجهڙي پاڻيءَ وارين ندين ۾ رهن ٿيون .


لفظ ٻلهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو