ٻهڻي

ٻُھڻي: واپار جي اصطلاح ۾ پھريون سؤدو يا پھريون وڪرو، يعني دڪانداريءَ ۾ دڪان کلڻ کان پوءِ جيڪو پھريون گراھڪ اچي ۽ روڪڙا پئسا ڏيئي وکر خريد ڪري ته ان گراھڪ کي يا سؤدي عيوض مليل رقم کي ”ٻھڻي“ چئجي ٿو. اھو واپار جو سؤڻ آھي، جيڪڏھن پھريون گراھڪ سؤدي وٺڻ کان سواءِ موٽي ويو ته واپاريءَ لاءِ اھا بدسوڻي ٿيندي ۽ سڄو ڏينھن واپاريءَ لاءِ فائدي وارو تصور نه ڪيو ويندو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو