ٻوڙاڻ

ٻوڙاڻِ: ڪنن جي ھڪ بيماري، جنھن ۾ ٻڌڻ جي قوت (قوت سامعه) کي ٿورو يا گھڻو نقصان پھچندو آھي. ان جا ڪيترائي سبب آھن، ھيءَ اھڙي بيماري آھي، جنھن مان سمعي ناليءَ (نس) کي نقصان پھچي ٿو. ڪن ۾ فاضل ھڏي جو ڄمڻ به سماعت کي نقصان رسائيندو آھي. ٻوڙاڻ لاءِ عام طرح سيل وارا اوزار ڪم آڻيندا آھن. ”ٻوڙاڻ“ سبب ٻار يا وڏو اڪثر ڳالھائي نه سگھندو آھي، يعني گونگو ٿيندو آھي ڇو ته اھو ٻڌندو ڪو نه ته دھرائيندو ڪٿان؟ اها پيدائشي به ٿئي ته بيماريءَ کان به ٿئي. ڪن ادارن ۾ اڄڪلهه انهن کي چپن جي چرپر (Lip reading) سيکاري پوءِ ڳالهائڻ سيکاريو ويندو آهي. ان مرض لاءِ هاڻي ڪيترا اوزار نڪتا آهن، جن جي مدد سان ڪنهن حد تائين ٻڌي سگهجي ٿو .


لفظ ٻوڙاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو