ٻياپرايا

ٻياپرايا: هن ذات وارا اصل ۾ هڪ قسم جا وڻجارا آهن، جيڪي سمنڊ ۽ درياهه جي ڪپن تي آباد آهن، سندن ڌنڌو درياهي ۽ سامونڊي واپار ڪرڻ آهي. هي ٻيڙين، هُڙن ۽ ننڍن جهازن ذريعي واپار ڪندا آهن. هي اصل ۾ سنڌي سماٽ جا فرد آهن. جيڪي هن وقت سنڌ ۾ تمام ٿورائيءَ ۾ آباد آهن. هنن کي ”ٻپيرا“ به چون ٿا. اوٺن ۾ پڻ هن ذات وارا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو