ٻيراڻي

ٻيراڻي: ٻيراڻي يا ٻيراني ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز علي جو ھڪ مشھور شھر آھي. ھيءُ واپاري مرڪز ھئڻ سان گڏ، ھڪ سھڻو ۽ قديمي شھر آھي، جيڪو روڊ ذريعي نئون آباد، ڄام نواز علي، سانگهڙ، شھدادپور، ڪنڊياري ۽ ٽنڊي آدم سان ڳنڍيل آھي. هن شھر کان ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ڏانھن رستا نڪرن ٿا. ھتان کان 15 ڪلوميٽر پري ٽنڊو آدم ۽ ٿورو پري، سابق وزيراعليٰ مرحوم ڄام صادق علي جو ڳوٺ ”ڄام نواز“ علي به آھي. ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر طرف سنڌ جو پراڻو شھر برھمڻ آباد اٿس، ھن قديم شھر ۾ اوليائن جون درگاھون، مسجدون، پرائمري اسڪول، بنيادي صحت مرڪز وغيره به موجود آھن. ھن شھر ۾ انگريزن جون ٺھيل جايون اڃا تائين موجود آھن، ھتي رھندڙ ذاتين ۾ مري، کوھي مري، مگسي، سيد، خاصخيلي، ميمڻ، سما، کوکر، ڪٽوھر ۽ ھندن ۾ ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، اوڏ ۽ مھراج شامل آھن. ھاڻي ته ھتي راجپوت، لوھار، رانگڙ ۽ حجام به اچي آباد ٿيا آھن. ھن تر جا وڏا زميندار جوڻيجا ۽ ڄام ليکيا وڃن ٿا. ھن شھر ۾ سنڌ جي ھڪ برک سياستدان ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر عطا محمد مريءَ جنم ورتو ھو، سندس ڌيءُ شازيه مري قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ وزير اطلاعات ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن رهي. ھتان 1930ع ۾”الامين“ نالي ھڪ ھفتيوار اخبار نڪرندي هئي.


لفظ ٻيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو