ٻُرڪي

ٻُرڪي: ٻاڪري مال جي بيماريءَ جو هڪ قسم، جنهن ۾ ٻاڪرو مال خاص ڪري ٻڪري ڪومائجي ويندي آهي ۽ اوچتو رڙيون ڪري ڪِري پوندي آهي ۽ مري ويندي آهي. اهڙي مرض کي ٻرڪي چوندا آهن. مالوند ماڻهو ان مرض لاءِ مال جي واڙ مٽائيندا آهن. يا وري ڪو ڌاريو مال پنهنجي مال سان گڏائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو