ٻٻراڻو

ٻٻراڻو: هي هڪ ديهه جو نالو آهي، جيڪا ڪراچي تعلقي ۽ منگهي پير تپي ۾ آهي. موجوده نيو ڪراچيءَ جو سمورو علائقو ۽ نارٿ ڪراچيءَ جو ڪجهه حصو ڪنهن وقت ۾ ٻٻراڻو نالي مشهور هوندو هو. هن علائقي تي اهو نالو ان ڪري پيو، جو هتي ”ٻَٻرُن“ جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا، جيڪي ڳجهڙي ڍوري کان لياري واري نئن (وهڪري) جي ڪپ تي سورجاڻيءَ تائين هوندا هئا. ڳجهڙي ڍوري جي ڪپ کان سورجاڻي، مهيو، گڏاپ، شورينگ، موئيداڻ، ڪنڊ ۽ ڌريجي تائين مالوند ماڻهن جو هي گس هوندو هو. ٻٻرن جي وڻن جي گهڻائيءَ سبب پهرين ”ٻٻرن وارو“ ۽ پوءِ ٻٻراڻو سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ ديهه تي نالو پيو .


لفظ ٻٻراڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو