ٻٽيهه

ٻٽيهه: ھڪ عدد (32) انھيءَ نسبت سان ڪيتريون چوڻيون ۽ اصطلاح مشهور آھن،جهڙوڪ:
(i) ٻٽيهه ڌارون: ماءُ جي ٿڃ.
(ii) ٻٽيهه نسون: انساني جسم کي تندرست رکندڙ نسون، چوندا آھن ته ”ٻٽيھن ئي نسن جو زور“.
(iii) ٻٽيهه لڇڻ: سڀني پارين افعالين سلڇڻو، ھيئن به چوندا آھن ته ”ماڻھو ٻٽيهه لکڻو، پر موچڙو ڇٽيهه لکڻو“.
(iv) ٻٽيهه ڳھڻا: عورت جي سينگار جا ٻٽيهه زيور، سگھڙ، سينگار شاعريءَ ۾ ڳائيندا آھن. اھي زيور ھيٺيان آھن. سينڌ ڦل، کور، تلڪ، والي، پنڙا، ڪوڪو (سون جو ٺھيل لونگ جھڙو، ڪنن ۾ پائڻ جو)، ڪنن جا جھومڪ، نٿ، چندن ھار، مڪٽ ھار، جوھا، چمپاڪلي، کارڪ يا ڍولڻو، ڪٺمال، پنج سري دھري، آرسي، منڊي، ڪنگڻ پھنچي، چوڙيون، چيلھڪي، نو لکي نگ (ٻڙا، موتي وغيره، جي ڌاڳي ۾ پوئي ڪرائيءَ ۾ ٻڌجن) بازو بند، جوشن، بَري، ڪرڌني، ڪڙا، پازيب، جھانجهه (جھانجھر)، چڙي (چانديءَ جون چوڙيون، جيڪي ڪڙين جي جاءِ تي پائجن)، وڇونئڙا ۽ ڇلا (پيرن جي آڱرين جا) .


لفظ ٻٽيههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


رياضي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻٽيهه
ٽه رقمي
رياضي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون