ٻٽڙا

ٻٽڙا: ٻٽڙا ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي هڪ ديهه جو نالو آهي. هن ديهه ۾ ’ٻٽڙا‘، ’لونگ ماڇي‘، ’جوڳيئڙا‘ ۽ ’گل نوتاڻي‘ ڳوٺ آباد آهن. هن نالي سان هڪ ڳوٺ خيرپورناٿن شاهه تعلقي ۾ آهي. هتي هڪ پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول آهي ۽ بجليءَ جو انتظام پڻ ٿيل آهي. هن نالي سان هڪ ڳوٺ تعلقي ڇاڇري جي ديهه ”چيلهار“ ۾ به آباد آهي. هتي پرائمري اسڪول موجود آهي .


لفظ ٻٽڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو