ٻٽڻ

ٻٽڻ: نوٽڻ راند ۾ ٻِن ڀرين ٽِڻن جو داءُ، ھيءَ عام راند آھي، جيڪا ٻه ڄڻا 18 ڳوٽين سان کيڏندا آھن، ھر ھڪ ڀيچيءَ وٽ 9 ساريون/ ڳوٽيون ھونديون آھن. هيءَ سنڌ جي قديم راند آهي ۽ ڏاڍي سستي به آهي. پٽ تي ڪانيءَ سان ليڪا ڪڍي ٺڪرن ۽ پٿرن جي سارين سان به کيڏي سگهجي ٿي. ھن راند جي چؤرسن ۽ خانن جي ڊزائين جو نمونو ھن طرح ھوندو آھي:
ھر ھڪ ڀيچي مرضيءَ وارو آھي ته ڪنڊن يا وچ وارن کُڻن مان ڪنهن تي به ساريون رکي، پر اھي ھڪ ھڪ ڪري واري سان رکندو، ھڪڙي پاڻ رکندو ته ٻي سندس ڀيچي رکندو. اھڙيءَ طرح ٻئي ڄڻا جڏھن ساريون رکي دنگ ڪندا ته پوءِ ھر ھڪ جي اھا ئي ڪوشش ھوندي ته جيئن ڀريو ڪري يا مقابل جون ساريون ٻڌ ڪري، ان کي شڪست ڏئي، جڏھن ساريون اھڙيءَ سطح تي اچن، جو جيڪا چال ھلي، ان ۾ ڀريو ٿئي، تڏھن چوندا ته ٻٽِڻ مچي وئي، اھا راند جي خاتمي جي نشاني آھي .


لفظ ٻٽڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو