ٻپھر

ٻپھر: سج اڀرڻ کان وٺي منجھند جو ٻنپھرن گذرڻ وارو وقت، ٻه پھر وقت جي ھڪ حصي جو خاص نالو آھي، سياري ۽ اونھاري ۾ ھن وقت جي نوعيت ۾ فرق آھي. سياري ۾ جڏھن پورو اڌ ڏينھن گذري وڃي ته ٻپھر شروع ٿيندا آھن، جيڪي ٽپھريءَ تائين ھلندا آھن، جڏھن ته اونھاري ۾ ٻپھر وقت جي ان حصي کي چئجي ٿو، جڏھن سج بلڪل ڪاپار تي ھوندو آھي اھو وقت ٻپھريءَ يا منجھند جي مانيءَ جو وقت ليکيو ويندو آھي. سنڌ ۾ ظھر جي نماز کي ٻپھريءَ جي نماز پڻ چيو ويندو آھي .


لفظ ٻپھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو