ٽائوٽ

ٽائوٽ: وڪيلن کي اصيل يعني گراهڪ هٿ ڪري ڏيندڙ دلال کي ٽائوٽ چيو ويندو آهي. هيءُ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو هاڻي سنڌ جي عدالتي نظام ۾ رائج ٿي ويو آهي. ٽائوٽ جو ڪم، وڪيل ڪرڻ يا درخواست لکائڻ واسطي شهر ۾ ايندڙ ماڻهن کي بس جي اڏن يا ريلوي اسٽيشنن تان وٺي وڪيلن جي حوالي ڪرڻ آهي. کيس انهيءَ ڪم جي محنتاڻي عيوض ڪجهه نه ڪجهه ملندو رهندو آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ هي لفظ ”ٽائوٽ“، چمچي طور به ڪم ايندو آهي.


لفظ ٽائوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو