ٽالهي جا وڻ

ٽالهي جا وڻ

ٽالهي

ٽالهي: هڪ قسم جو وڻ ، جنهن جي ڪاٺي شيشم وانگر مضبوط ٿيندي آهي . اڪثر واهن جي ڪپن ۽ رستن تي ڇانوري لاءِ ٽالهيءَ جا وڻ پوکيا ويندا آهن . ٽالهيءَ جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان فرنيچر ٺهندو آهي .
ٽالهي کي جيڪڏهن سنڌ جو سائو سون چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو . هي وڻ سنڌ ۾ واهن ، شاخن ، واٽر ڪورسن جي ڪنارن ۽ زرعي زمينن ۾ عام جام ملي ٿو . ٽالهي سنڌ کان علاوه پنجاب ، سرحد ۽ پاڪستان جي ٻين ميداني علائقن ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود ٽالهي جنهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ( Sisoo, Shisham, Indian Rosewood ) چيو وڃي ٿو . ٽالهيءَ جو تعلق ٻوٽن جي فيملي ( Leguminosae ) سان آهي . دنيا جي مختلف ٻولين ۾ هن وڻ کي الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو ، جيئن: فرانسيسي ۾ ” ابنيئر جئاني “ ، عربي ۾ ” دالبر جيا ، سسو “ ، بنگالي ۾ ” ششو “ ، هندي ۾ ” شيشم ، سيسم ، سسائي ۽ سسوَ “ ، انڊونيشيا ۾ ” دو- خائڪ ۽ پرادو- خائڪ “ ، جاوا ۾ ” سونو واسيسو “ ، نيپالي ۾ ” شيشم ۽ سسائو “ ، سنسڪرت ۾ ” اگورو ۽ شنشاپا “ ، اسپينش ۾ ” سِسو “ ، تامل ۾ ” جيتي ، نوڪو ختائي ، سسوئتي “ ، ٿائي ٻوليءَ ۾ ” دو-خائڪ ۽ پرادو- خائڪ “ ، اردو ۾ ” شيشم “ ، پنجابي ۾ ” ٽالي “ ، سرائيڪي ۾ ” ٽالي ۽ ٽالهي “ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽالهي سڏيو وڃي ٿو .
هن وڻ جو اصل ديس هندوستان ، پاڪستان ۽ نيپال وارو خطو آهي . هن دور ۾ ٽالهيءَ جو وڻ دنيا ۾ ڪنڊ ڪڙڇ ٽائين پهچي چڪو آهي . خاص ڪري سريلنڪا ، ٿائيلينڊ ، انڊونيشيا ، ملائيشيا ، موريشس ، گهانا ، ڪينيا ، سوڊان ، نائيجيريا ، زمبابوي ، قبرص ، عراق ، فلسطين ، اسرائيل ، آمريڪا ، ڏکڻ آفريقا ، تنزانيه ، بنگلاديش ، ڀوٽان ، ايٿوپيا ، ٽوگو ، ڪيمرون ، آسٽريليا ، افغانستان ، ايران ۽ فرانس کان سواءِ هي وڻ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين گرم موسم وارن خطن تائين پکڙجي چڪو آهي . سٺي واڌ ويجهه لاءِ ٽالهيءَ کي سج جي روشنيءَ جي گهڻي ضرورت پوي ٿي . سنڌ ۾ هن وڻ جي اوچائي 25 کان 30 ميٽر تائين ٿئي ٿي . ٽالهيءَ جون ٽاريون هيٺ جهڪيل ٿين ٿيون . پن 6 کان 10 سينٽي ميٽر ڊگها ۽ 5 سينٽي ميٽر ويڪرا ٿين ٿا . ٽالهي جا گل اڇا هلڪي گلابي رنگ تي مائل ٿين ٿا . هن ۾ تمام گهڻي خوشبو ٿئي ٿي ، گلن جي ڊيگهه 1 . 5 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي .
ٽالهيءَ جي ڦري عام طور تي هلڪي سائي رنگ جي ٿئي ، جنهن جي ڊيگهه 4 کان 6 سينٽي ميٽر ، پچڻ بعد ان جو رنگ هلڪو ڀورو ، جنهن ۾ 3 کان 6 ٻج ٿين ٿا . عام طور تي هن وڻ کي سٺي واڌ ويجهه لاءِ 21 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي جي درجي جي ضرورت پوي ٿي . هي وڻ سخت سيءَ ( پارو ) به برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ 50 سينٽي گريڊ جيتري شديد گرميءَ ۾ به وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ٽالهي انتهائي سخت جان وڻ آهي ، جيڪو 500 کان 2000 ملي ميٽر مينهن جي پاڻي ۾ به زنده رهي سگهي ٿو . ڏڪار جي صورت ۾ هي وڻ چار کان 6 مهينا سائو رهي سگهي ٿو . سنڌ جو هي سدا بهار وڻ وارياسي ، چيڪي ۽ پٿريلي زمين تي تمام سهڻي ۽ سٺي نموني واڌ ويجهه ڪري ٿو ، پر ڪلراٺي ۽ سيلاب واري زمين ٽالهيءَ جي وڌڻ جي صلاحيت تي اثر انداز ٿئي ٿي . هي وڻ بهار جي مند يعني مارچ کان اپريل تائين ڦٽهڙو ڪري تمام خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو . اپريل ۽ مئي مهينن ۾ ڦريون جهلي ٿو .
ٽالهي سنڌ جو انتهائي خوبصورت ، ڇانوريدار ۽ قيمتي وڻ آهي ، جنهن کي ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ آڻجي ٿو:
1 . پنن جو استعمال: سنڌ ۾ ٽالهيءَ جا پن مال جي چاري طور استعمال ڪيا وڃن ٿا . خاص طور تي سياري جي موسم ۾ ٻڪرار ۽ ريڍار ٽالهيءَ جون ٽاريون ڇانگي مال کي ڏين ٿا . پنن جو رس سوڄ ، چمڙي جي بيمارين ۽ اکين جي بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو .
2 . گلن جو استعمال: ٽالهيءَ جا گل انتهائي نازڪ ۽ خوشبودار ٿين ٿا . ماکيءَ جون مکيون ان مان رس چوسين ٿيون ، پر گل نازڪ هجڻ سبب ننڍڙي حرڪت تي ڇڻي پون ٿا . ان لاءِ ماکيءَ جون مکيون انهن مان صحيح فائدو حاصل نه ٿيون ڪري سگهن .
3 . ڦرين جو استعمال: ٽالهيءَ جون ڦريون انتهائي سهڻيون ٿين ٿيون . جيڪي ٻڪريون ۽ رڍون شوق سان کائين ٿيون . سنڌ ۾ ڦرين مان ڀاڄي به تيار ڪئي وڃي ٿي . ٽالهي جون ڦريون گرمي ، جگر جي گرمي لاءِ مفيد سمجهيون وڃن ٿيون .
4 . ڇوڏي جو استعمال: ٽالهيءَ جو ڇوڏو ڪيترين ئي بيمارين کان نجات لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو . جيئن گرمي لاءِ ٿاڌل رت جي خرابي ، چمڙي جي بيمارين ، الٽي ، باد فرنگ ، خارش ، اکين ۽ نڪ جي بيمارين ، ڦرڙي ۽ سوري ( پيچش ) لاءِ ڇوڏو مفيد سمجهيو وڃي ٿو .
5 . پاڙن جو استعمال: ٽالهيءَ جون پاڙون ڏندڻ طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون .
6 . ڪاٺيءَ جو استعمال: ٽالهيءَ جي ڪاٺي خوبصورت ۽ قيمتي ٿئي ٿي . جنهن جو رنگ اڇي ڀوري رنگ تي مائل ٿئي ٿو . ڪاٺي جو اندريون تهه بادامي رنگ جو ٿئي ٿو .
ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ مان هر قسم جو فرنيچر جنهن ۾ ڪٻٽ ، در ، دريون ، ڪرسيون ، ميزون ، کٽون ، ٻيڙيون ۽ کوکا پيتيون ، راندين جو سامان ، هاريءَ جي استعمال جون شيون ۽ رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٺاهيو وڃي ٿو . ان کان علاوه ٽالهي جي ڪاٺيءَ مان مختلف قسم جون شيون ٺاهي سگهجن ٿيون .


لفظ ٽالهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو