ٽامڙو2

ٽامڙو2: هڪ قيمتي پٿر، جيڪو جدا جدا رنگن ۾، کاڻين مان ملندو آهي. ان جو رنگ ڪارو، بادامي، نيرو ڪارو، سائو ڳاڙهو ۽ اڇو ٿيندو آهي. هي ڀارت جي هڪ علائقي ۽ ان جي ڀرسان وهندڙ نديءَ مان ملي ٿو. برازيل ۽ سائيبيريا ۾ گهاٽو ڳاڙهو، فرانس ۾ هلڪو سرخ، ناروي ۽ گرين لئنڊ ۾ ڪارو، يوگوسلواڪيا ۾ بادامي، سئٽزرلئنڊ ۾ سائو، سريلنڪا ۾ بادامي ۽ آمريڪا ۾ مختلف رنگن ۾ لڀندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو