ٽامڻي

ٽامڻي: سج جي سخت تپش وارو ڏينهن، خاص ڪري، ٻن پهرن جو وقت، جيڪو ڏاڍو گرم هوندو آهي ۽ زمين تپي ٽامي جهڙي، ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ حالت کي اصطلاح طور ”ٽامڻي هڻڻ“ چيو ويندو آهي. ڪن هنڌن تي ٽامي ڌاتي چئبو آهي. چوندا آهن: ”فلاڻي جو منهن ٽامڻي هڻي ويو آهي“.


لفظ ٽامڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو