ٽاٽ

ٽاٽ: هڪ قسم جو ٿلهو ۽ کهرو ڪپڙو، جيڪو استر طور ڪم ايندو آهي.
سِڻيءَ جو ٺهيل کهرو ڪپڙو.
ٽاٽ جي لفظي معنيٰ ’سخت‘ آهي، اُن ڪري اصطلاحي طور بدن ۾ موڙ يا سُور جي سٽ پوندي آهي ته ان کي ’ٽاٽ اُڀڻ‘ چئبو آهي.
سنڌ ۾ ٽوپين جي بناوت ۾ پڻ ’ٽاٽ‘ استعمال ڪيو ويندو آهي. انهن ٽوپين کي ’ٽاٽ واري ٽوپي‘ چيو ويندو آهي. اهي ٽوپيون اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن، خاص ڪري اُتر سنڌ ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون.


لفظ ٽاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو