ٽاپري نسل جي ٻڪري

ٽاپري نسل جي ٻڪري

ٽاپري

ٽاپري: ٻاڪري مال جو هڪ نسل، جنهن جي سڃاڻپ ”بري ٻڪري“ آهي. حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ بدين ضلعن ۾ هن نسل جون ٻڪريون پاليون وڃن ٿيون. هن نسل جي ٻڪرين جو رنگ گيڙو، ناسي يا ڳاڙهو ڀورو هوندو آهي، ان ۾ اڇي رنگ جا پَهَرُو به شامل آهن. هن نسل جي ٻڪرين جو مٿو، ڪن، ڪنڌ، اوهه ۽ ٿڻ ننڍا ٿين ٿا ۽ اڪثر جاڙا ڦَرَ ڏين ٿيون. هي نسل جلد وڏو ٿئي ٿو ۽ خاص ڪري گوشت لاءِ پاليو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو