ٽاچني

ٽاچني: پالش ٿيل ٽانڪڻي يا ٽنبڻي، جنهن جي هڪ پاسي چهنب ۽ ٻئي پاسي مٿو ٿيندو آهي. ٽاچڻي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڪاغذن کي ٽُنبي گڏ رکڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ابتدا ۾ سرڪاري لکپڙهه لاءِ ڪم ايندڙ پنن کي ملائڻ لاءِ ٽاچنين بدران ’ٻير‘ ۽ ’ديويءَ‘ جا ڪنڊا استعمال ڪيا ويندا هئا. پاڪستان جي قيام واري ابتدائي دؤر ۾ ٽاچنيون چين مان گهرايون وينديون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو