ٽاڪرو

ٽاڪرو: هي ٻيڙياتن جو اصطلاح آهي. ٻڏل ٻيڙيءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍڻ واري عمل کي ٽاڪرو چوندا آهن. ڪاڪا ٻيڙي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پيهجي ويندي آهي. انهيءَ صورت ۾، ٻه ٻيڙيون آڻي، هڪ ٻيڙي ٻڏل ٻيڙيءَ جي هڪ پاسي ۽ ٻي ٻيڙيءَ جي ٻئي پاسي بيهاري، ٻنهي ٻيڙين جي ڪڇي تي هڪ مضبوط شيکلو يا کوهو رکندا آهن. انهن ۾ رسا اهڙيءَ طرح ٻڌندا آهن، جو ڪپين تي شيکلو گول ڦرندو آهي، ٻڏل ٻيڙيءَ کي ٿلهي تار ٻڌي، تار جو ٻيو ڇيڙو شيکلي ۾ ٻڌبو آهي. شيکلو جيئن ڦرندو، تار ان تي ويڙهبي ويندي آهي ۽ ٻڏل ٻيڙي مٿي کڄندي ويندي آهي. پويون پاسو مٿي کڻي پوءِ آڳيلي وارو پاسو مٿي کڻندا آهن. انهي عمل کي ٽاڪرو چوندا آهن. ٽاڪري سان درياهه ۾ ڪريل ٽرڪون يا ٻيون وڏيون شيون به ڇِڪي ٻاهر ڪڍي سگهبيون آهن. ٽاڪرو اڳ ڄڻ ڪِرين جو ڪم ڏيندو هو.


لفظ ٽاڪروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو