ٽاڪو

ٽاڪو: هن کي ٽانڪو به چئبو آهي. ڪپڙي کي ڳنڍڻ لاءِ ٽوپي يا بخيي کي ٽاڪو چوندا آهن. ٿانءَ کي ريهه جو ڳنڍُ. ٽٽي يا ڀڄي پيل چانديءَ يا سون جي ڳهه کي مَٺ جي ريهه سان ڳنڍ به ٽاڪو چئبو آهي. ان حوالي سان هي ٺاٺارن ۽ سونارن جو عام اصطلاح آهي. اڄڪلهه لوهه جي ڳرن اوزارن ۽ مشينريءَ کي بجليءَ يا گئس جو ٽاڪو لڳايو وڃي ٿو، جنهن کي ”ويلڊنگ“ چيو ويندو آهي.


لفظ ٽاڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو