ٽاڪور

ٽاڪور: ڌڪ لڳل يا سور واري هنڌ تي گرم شيءِ سان سيڪ ڏيڻ جي عمل کي ٽاڪور چئبو آهي . گرم پاڻيءَ جي بوتل يا پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ گرم پاڻيءَ ذريعي جسم کي سيڪو ڏيڻ يا ٽاڪورڻ . جسم جي ڪنهن به حصي ۾ سور يا سوڄ هجي ته ان لاءِ ڀِتَر ، ڪَترَ يا ڪپڙي جي ٽاڪور ڪبي آهي . جيڪڏهن سور گهڻو هوندو يا سَنڌَ کي ضرب آئي هوندي ته ڪچو ڀتر باهه ۾ وجهي ڇڏيندا آهن . جڏهن تپي ڳاڙهو ٿيندو آهي ، تڏهن ان کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي ( ته جيئن ڀتر مان اُٻ نڪري ) ، رومال يا ٽوال ۾ ويڙهي ، آهستي آهستي سوڄ يا سور واري هنڌ تي ٿورو زور ڏيئي سيڪ ڏبو ، يعني ٽاڪور ڪبي آهي . وچٿري سور لاءِ ڪَتر يعني بُوسو ڪپڙي ۾ ويڙهي ، سيڪ ڏيئي ، گرم ڪري ، ان سان سور واري هنڌ تي ٽاڪور ڪبي آهي . ٿوري سور ۾ ڪپڙي کي ويڙهي ، ان کي سيڪ ڏيئي ٽاڪور ڪندا آهن . ٽاڪور ، گهرو علاج آهي ، جيڪو گهڻو ڪري زالون ڪنديون آهن .


لفظ ٽاڪورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو