ٽجوڙي

ٽِجوڙي: پئسن يا قيمتي شين وغيره رکڻ لاءِ لوهي پيتي، خاص قسم جي ٽن تهن واري پيتي، جنهن کي اندروني ڳجهن خانن ۽ خاص قسم جي ڪلفن سان اهڙيءَ طرح بند ڪري سگهبو آهي، جو ٻيو ڪوبه ماڻهو اهي تالا کولي نه سگهندو آهي. انهيءَ ڪري وڏي رقم، دستاويز ۽ خاص ڪاغذ ٽجوڙيءَ ۾ رکي ڇڏبا آهن ته محفوظ رهندا. اڳي ٽجوڙيون اڪثر لوهه جي چادرن مان ٺاهيون وينديون هيون. مير صاحبن ٽجوڙيون اڪثر جواهرن جي پٿرن مان ٺهرايون هيون. مير فتح علي خان ٽالپر زمرد جي پٿر مان هڪ وڏي ٽجوڙي ٺهرائي هئي، جنهن ۾ ڪڙا ۽ ڪنڊا سون جا هئا، ان ٽجوڙيءَ ۾ بيبي خيري قرآن پاڪ، صحيفهء علويه، صحفيه فاطمه، صحيفه سجاديه ۽ ٻيا ورد و وظائف جا ناياب ڪتاب رکندي هئي.


لفظ ٽجوڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو