ٽرام

ٽرام

ٽرام

ٽرام: ٽالپرن جي دؤر ۾، ڪراچي شهر ۾ سامان کڻڻ لاءِ گڏهه ۽ اٺ گاڏيون استعمال ڪيون وينديون هيون، جڏهن ته ماڻهن جي سواريءَ لاءِ گهوڙا ۽ اٺ هوندا هئا. انگريزن پنهنجي وقت ۾ ڪراچيءَ جي شهرين کي سفر جون وڌيڪ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ، يورپ جي شهرن وانگر ”ٽرام“ هلائڻ جو پروگرام ٺاهيو. ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلائڻ جي تجويز سڀ کان پهرين 1881ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر مسٽر جيمس اسٽريچن پيش ڪئي هئي. ڪراچي ميونسپالٽيءَ ان تجويز کي منظور ڪندي، لنڊن جي مسٽر ايڊرڊ ميٿيُو کي ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلائڻ جي رٿا جو ڪم سونپيو، جنهن 1883ع ۾ بمبئي حڪومت کان منظوري وٺي، آڪٽوبر 1884ع کان شهر ۾ ٽرام جي پٽي وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو. 20 اپريل 1885ع تي ڪمشنر سنڌ مسٽر هينري ارسڪن ڪراچيءَ ۾ پهرينءَ ٽرام جو باقاعدي افتتاح ڪيو. افتتاحي ٽرام ۾ شهر ۾ موجود سموريون شخصيتون، جن ۾ قنڌار جو والي شير علي خان به موجود هو ۽ ٻيا ماڻهو سوار ٿي ڪياماڙيءَ تائين ويا ۽ ان کان پوءِ واپس سرڪاري باغ ۾ آيا، جتي ان ڏس ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڪراچيءَ ۾ اهي ٽرامون انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني لميٽڊ طرفان هلايون ويون هيون.ا بتدا ۾ اهي اسٽيم انجڻ تي هلايون وينديون هيون، پر پوءِ انجڻين جي آواز سبب شهرين جي آرام ۾ خلل ٿي پيو. انهيءَ ڪري شهرين جي مخالفت سبب اسٽيم انجن بدران ٽرامن کي گهوڙن سان ڇڪي هلائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي. ان وقت بندر روڊ، موجود رمپا پلازا جي جڳهه تي ايسٽ انڊيا ٽرام ڪمپنيءَ جو هيڊ ڪوارٽر ٺهيل هو، جنهن جي چؤڌاري هڪ وڏي ديوار آيل هئي، جنهن ۾ ٽرام ڪمپنيءَ جي آفيس، ملازمن جون رهائشي جايون ۽ گهوڙن جا طنبيلا هئا. هتي ٽرام ڇڪيندڙ گهوڙن جي صحت جو پورو پورو خيال رکيو ويندو هو. واضح رهي ته سفر دؤران گرميءَ کان بچڻ لاءِ، گهوڙن جي مٿي تي هڪ قسم جا ٽوپلا رکيا ويندا هئا ته جيئن گرميءَ سبب انهن کي نقصان نه پهچي، جڏهن ته هر ٻن ميلن جي سفر کان پوءِ گهوڙن کي تبديل ڪيو ويندو هو. ڪراچيءَ ۾ وڏي عرصي تائين گهوڙا ٽرامن کي ڇڪيندا رهيا، پر اهي ٽرامون بگين کان وڌيڪ تيز نه هيون، ان ڪري گهوڙن جي بدران موٽر ٽرامن هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لنڊن جي موٽر ريل ۽ ٽرام ڪمپني لميٽڊ سڀ کان پهرين پيٽرول تي هلندڙ ٽرامون ڪراچيءَ ۾ هڪ لک پائونڊن جي قيمت ۾ خريد ڪيون. جيئن ته هنن ٽرامن جي انجڻ تيز رفتار هئي، ان ڪري پٽڙين کي ٻيهر وڇايو ويو. 1909ع ۾ اهي نيون ٽرامون شهر ۾ هلڻ لڳيون. اُنهن جي جنڪشن بولٽن مارڪيٽ هئي، جتان اهي صدر، ڪئنٽ اسٽيشن، گانڌي گارڊن، سولجر بازار، چاڪي واڙي ۽ ڪياماڙيءَ تائين هلنديون هيون. اهي عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيون ۽ پهرئين سال ئي تقريباً 50 لک ماڻهن ٽرامن ۾ سفر ڪيو. 1913ع تائين ڪراچيءَ ۾ هلندر ٽرامن جو تعداد 37 هو. هر ٽرام ۾ 46 مسافرن جي ويهڻ جي جڳهه هئي. اهي ٽرامون 12 کان 18 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙنديون هيون. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ تائين ڪراچيءَ ۾ ٽرام ئي واحد سهولت واري سواري هئي، جنهن ۾ ٻن پئسن جي ٽڪيٽ عيوض پوري شهر جو سفر ڪيو ويندو هو. ڪراچيءَ ۾ 90 سالن تائين ٽرامون هلنديون رهيون. 1975ع ۾ ٽرئفڪ ۾ خلل پوڻ سبب ٽرامن کي بند ڪيو ويو.


لفظ ٽرامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


گاڏي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽرام
گاڏي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون