ٽريمون

ٽريمون: تعلقي روهڙيءَ جي هڪ ديهه جو نالو جنهن ۾ هيٺ ڏنل اٺاويهه ڳوٺ شامل آهن: ٽريمون، محمد عالم فقير، بخشو ڪٽوهر، پيارو ڪٽوهر، موريجا، چوڌيو موريجو، ڌارا واهڻ، بخشو ڪٽوهو، ڪوٽ مير محمد باقر خان، جماڻي، محمد اوڍاڻو، جانو پلهه، انب ڪٽوهر، ميرو ڪٽوهر، چڀڙ خان، مير حسن، ڪٽوهر مقصود آباد، ٺٽ، تلي، ڪٽوهر پٿڻ، يار محمد ڪٽوهر، قبول شاهه، جتوئي، پارو، گمن موچي، خان اڄڻ، هاشم اوڍاڻو ۽ صاحب خان ڪٽوهر.
ساڳئي نالي سان روهڙي تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ 1000 کن ماڻهو رهن ٿا. هتي ڇوڪرن لاءِ پرائمري اسڪول موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو