ٽرگناميٽري

ٽرگناميٽري

ٽرگناميٽري

ٽرگناميٽري (Trigonometry ):ٽرگناميٽري، جيوميٽريءَ جي هڪ اهم شاخ آهي. جنهن ۾ ٽڪنڊي جي خاصيت ۽ ان جي حصن جي باهمي تعلقات جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. ٽرگناميٽري کي فلڪيات، سياحت ۽ نيويگيشن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ماهرن جو خيال آهي ته ٽرگناميٽري کي حقيقت ۾ فلڪياتي مطالعن واسطي واضح ڪيو ويو. هن جو جڙون قديم مصر، ميسوپوٽيميا ۽ سنڌ ڌرتي ۾ ملن ٿيون. ٽرگناميٽري جا رائج قاعدا گهڻا وسيع آهن. مثلاً: زمين جي ويجهو ستارن جي فاصلي کي ٽرائي اينگيوليشن (Tri Angulation) جي طريقي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. زمين جي صورت جي درمياني فاصلي کي پڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ٽرگناميٽري ڪم ايندي آهي. ان کان سواءِ موسيقي، صوتيات، بصريات، ڪيميا، زلزليات، موسميات، بحريات، سياحت، شڪل الارض، آرڪيٽيڪچر، اليڪٽرڪ انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر گرافڪس ۽ نقشا نويسيءَ جهڙن مضمونن ۾ ٽرگناميٽري به ڪثرت سان استعمال ٿيندي آهي.


لفظ ٽرگناميٽريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


جاميٽري - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽرگناميٽري
جاميٽري ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون