ٽلاٽي

ٽلاٽي: هڪ ڏيئي جو نالو، جيڪو لوهه جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن جي تري جي وچ وٽان هڪ ڊگهي لوهي سيخ ڳنڍيل هوندي آهي، جيڪا ٽن پيرن تي بيهندي آهي. هن ڏيئي ۾ ٽي وٽيون ٻرنديون آهن، جنهن سان روشني تمام گهڻي ٿيندي آهي. شم يا متو، ٽين جي پتري مان ٺهيل دهلڙيءَ جي شڪل وانگر هوندو آهي. مٿان انچ کن جنڊي قطر واري ويڪري نلڪيءَ ٽڪر جهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ وٽيل سُٽ جا سڳا وٽ بنائي وجهندا آهن. ڍڍر ۾ گاسليٽ وجهي ٻاربو آهي. هيٺان ٽين جو پورو نلڪي جهڙو اڌ فوٽ مٺيو ڪنهن چهنبدار ڪاٺيءَ ۾ کپائي، ڪاٺيءَ کي زمين ۾ کوڙبو آهي، هيءَ ٽلاٽيءَ ميلن، آسڻن، مندرن ۽ مسجدن ۾ ٻاربي آهي ۽ جڏهن اڃا بجليءَ جو ڪو انتظام نه هوندو هو، ته ٽلاٽيءَ کي هندو دڪاندار پنهنجي هٽن (دڪانن) تي به ٻاريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو