ٽلو

ٽلو: هي ناچ جو نالو به آهي ته دهل جي تال جو به. تال ۾ هي چئن ماترائن جو تال آهي. جن جا ٻول هي آهن: ڌين-تا-تا-تڪ
هي تال نج سنڌي تال آهي، پر جيئن ته درت (تکي ) لئي ۾ آهي، ان ڪري ناچ وارا تڪڙيون ادائون ڪن. هن تال ۾ نچڻ جو انداز چيڻي، جھمر، وهول ۽ جھمٽ وارو ٿئي. البت ٻولن جي لحاظ کان ادائن ۾ فرق اچيو وڃي. هن ناچ ۾ گھڻو ڪري هي ٻول استعمال ٿيندا آهن.
لئي لئي لاڙو، ڙي، ٽلو، لئي لئي لاڙو


لفظ ٽلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو