ٽنگسٽن

ٽنگسٽن (Tungsten ):ڌاتوءَ جي رجڻ جو درجو سڀ کان وڌيڪ (61700F) آهي، ان ڪري هن کي بجليءَ جي بلبن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن کي جيٽ انجڻين ۽ چرخين ۾ به استعمال ڪيو ويو آهي. ٽنگسٽن ڪاربائيڊ ايترو ته سخت آهي، جيترو هيرو، ان ڪري ان کي شيشن ڪٽڻ لاءِ ۽ رنگن ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ٽنگسٽن ڌاتوءَ کي 50 سيڪڙو Rhenium (ڌاتو) سان ملائي جڏهن مٺ ٺاهي وئي (جنهن جو رجڻ پد 45000F آهي) ته ان مان جيڪو ڌاتو ٺهيو، اهو سخت نه پر نرم هو! Rhenium کي 1925ع ۾ لڌو ويو هو. هي تمام ناياب ڌاتو آهي، ان ڪري اڃا ان کي خلائي مهم ۾ ڪم نه ٿو آندو وڃي. هن ڌاتوءَ جي پيداوار کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته هن ڌاتوءَ مان اڄوڪي ماپ جي ميزائيل ٺاهڻ لاءِ اڃا ڪي ورهيه لڳندا.
90 سيڪڙي Tantalum ۽ 10 سيڪڙي ٽنگسٽن جي ملاوت به ايتري سخت آهي، جيترو ٽنگسٽن 45000F تائين آهي. اڄوڪي دور ۾ Molybdenum ۽ وينيڊيم (Vanadium) کي به اهميت حاصل آهي. Malybdenum ڌاتو 50000F تائين ڪم ڏئي سگهي ٿو، پر ان جي مٿان نمبر وار نڪل ۽ ڪروميم جا تهه چاڙهڻا پوندا. ان کانسواءِ وينيڊيم جي مٿان نڪل جو تهه چاڙهيو وڃي ته اهو 17000F تائين ڪم ڏئي سگهي ٿو.


لفظ ٽنگسٽنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو