ٽولو

ٽولو: گروهه، جٿو. ڪن به ساهوارن جو ميڙ. ساهوارن جي هرهڪ قسم جي ٽولي لاءِ جدا نالو مقرر هوندو آهي، جهڙوڪ: اٺن جي ميڙ کي ”وَڳُ“ چوندا. مينهَن جي ميڙ کي ”ميهاڳُ“ چئبو آهي. رڍن، ٻڪرين، ڍڳين جي ميڙ کي ”گُهر“، ”گوهر“ يا ”ڌڻ“ چئبو آهي. ڪتن جي ميڙ کي ”لوڌ“ چئبو آهي. فقيرن جي ميڙ کي ”فقرا لڏو“ چوندا آهن. چورن، ڌاڙيلن جي ميڙ کي ”ٽولو“ چوندا آهن. پکين جي ميڙ کي ”ولر/ پَرو“ چئبو آهي. ماڻهن جي ميڙ کي ”گروهه“ سڏيندا آهن. نمازين جي ميڙ کي ”جماعت“ چوندا آهن. سپاهين جي ميڙ کي ”جٿو“ چئبو آهي.


لفظ ٽولوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو