ٽوٻو3

ٽوٻو3

ٽوٻو3

ٽوٻو3 Pied Kingfisher / ceryle rudis: 30 سينٽي ميٽر جسامت جو هي چٽڪمرو ٽوٻو پنهنجي نسل ۾ سڀ کان ماهر شڪاري پکي آهي. هي پکي رنگ جو اڇو ڪارو (چٽڪمرو) ٿئي ٿو. ان جو مٿو ڪارو ٿئي، جنهن تي چوٽڙي هوندي اٿس. هن جي ڳچي اڇي آهي، اک جي مٿان افقي اڇو پٽو ۽ اک جي پويان کان ڪلهي تائين عمودي پٽو هوندو اٿس. چهنب ڊگهي، مضبوط، نوڪدار ۽ معمولي خمدار ٿئيس ۽ پڇ جي اندرئين پاسي اڇا ڪارا افقي پٽا هوندا اٿس. نر ۽ ماديءَ جي رنگن ۾ ٿورڙو فرق ٿئي ٿو. نَر جي ڇاتيءَ تي هڪ سوڙهو ۽ هڪ ويڪرو پاسيرو پٽو ٿئي ٿو. ماديءَ جي ڇاتيءَ تي هڪ پاسيرو پٽو هوندو آهي.
ٽوٻو واهن، ڍنڍن، تلائن تي هر هنڌ ڏسبو آهي. ٽاريءَ تي ويهڻ مهل پڇ هيٺ مٿي پيو ڪندو آهي. مڇي مارڻ جو تمام ماهر آهي. هوا ۾ هيليڪاپٽر وانگر بيهي پَر پيو هڻندو ۽ اوچتي ٽٻي هڻي جڏهن پاڻيءَ مان نڪرندو ته چهنب ۾ ضرور مڇي هوندس. جيڪڏهن سندس وات ۾ مڇي نه هوندي ته پڪ ئي پڪ هن ڪنهن وڏي مڇيءَ تي حملو ڪيو هوندو جيڪا هو کڻي نه سگهيو هوندو پر ان کي اهڙو زخمي ڪيو هوندائين، جو اھا ان زخم کان مري پئي هوندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو