ٽيليڪرون

ٽيليڪرون

ٽيليڪرون

ٽيلڪرون (وقت ڏيکارڻ جو جديد گھڙيال ):سائنسدانن هڪ اهڙي وقت ڏيکارڻ واري گھڙيال تي تحقيقات مڪمل ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪڏهن به وقت ملائڻ جي ضرورت ڪا نه ٿيندي. باوجود ان جي، جو اهو هميشه هلندو رهندو ۽ قيمت ۾ ايترو ته سهانگو هوندو، جو هر هڪ ان کي خريد ڪري سگھندو. ساڳئي وقت ان سان ڏيکاريل وقت ايترو ته درست هوندو، جو اهو اڻائي (Atomic) گھڙيال جو مقابلو ڪري سگهندو. ان کان سواءِ هي گھڙيال ريڊيائي دست اندازيءَ کان آجو هوندو آهي.
هن گھڙيال جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي آهي ته هر هڪ سيڪنڊ کان پوءِ، ڪلاڪ، منٽ ۽ سيڪنڊ جي باري ۾ اطلاع ، ڌڙڪي واري نشان (Pulse Code) جي شڪل ۾ موجوده ريڊيو يا ٽيليوزن ٽرانسميٽر مان نشر ڪري سگھجي ٿو.
انهن ڌڙڪي وارين نشانين کي اهڙي گھڙيال جي مدد سان (جيڪي عام واهپي جي شين وانگر ٺاهي سگھجن ٿا) بدلائي (Decode) ۽ نڪسي ٽيوب (Nixie Tube)، يا پاڻياٺي پلم (Liquid Crystal) جي مدد سان انگي صورت (Digital) ۾ آڻبو آهي. جڏهن اهڙو گھڙيال چالو ڪبو ته اهڙو ئي صحيح وقت ڏيکاريندو، جھڙو ريڊيو ۽ ٽيليفون ٽرانسميٽر تان نشر ڪيو ويندو. اهي نشريات هر سيڪنڊ يا وڌ ۾ وڌ ٻن سيڪنڊن جي وِٿيءَ تي ٿينديون. لڳاتار هلڻ جي حالت ۾ اهو گھڙيال ريڊيائي دست اندازيءَ کان آجو رهندو. پر جيڪڏهن تمام گھڻي دست اندازي جي ڪري گھڙيال وقت ڏيکارڻ بند ڪندو ته به جڏهن وري اهو ڪم شروع ڪندو ته ان مهل جو صحيح وقت ڏيکاريندو. اهڙو گھڙيال عام گھرو بجلي يا بيٽريءَ تي به هلائي سگھجي ٿو. اهو ريڊئي يا ٽيليويزن وانگر ساڪت يا وري چرندڙ ڦرندڙ (جھڙو گاڏين ۾ هوندو آهي) ٿي سگھي ٿو.
جيتوڻيڪ انهيءَ گھڙيال جي جوڙجڪ معياري، پر سستن اليڪٽرونڪ پرزن سان ڪئي ويئي آهي، پر ان جي صلاحيت بهترين گھڙيالن کان گھڻائي دفعا وڌيڪ آهي. ان ۾ وقت ملائڻ جي ڪڏهن به ضرورت ڪانه پوندي.
هي ريڊيائي بنياد تي ڪم ڪندڙ گھڙيال، ايترن سالن جي جدوجهد کانپوءِ تيار ٿيو آهي جو اهو ٽيڪنيڪي ۽ معاشي اعتبار سان عام ٿي سگھي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو