ٽيٽياڻي

ٽيٽياڻي (ڪتاب ):محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي تحريرن جو هيءُ مجموعو 07 جنوري 1953ع واري عبرت (ميرپورخاص) جي شماري جي حيثيت ۾، ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. هن مجموعي ۾ 102 صفحا آهن، جن ۾ ايڊيٽوريل/ عرض حال 4 صفحا، رام لال ورما جي لکيل اُردو افساني جو ترجمو ”ٽيٽياڻي“ 26 صفحا ۽ ڏيپلائيءَ صاحب جي ناول ”سمرقندن جو صوف“ جو چوٿون حصو 72 صفحا شامل آهن. ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي، جيڪو اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو