ٽڪر

ٽڪر

ٽڪر

ٽڪر: زمين جي وڏن وڏن ٽڪرن/ جبلن جا ٽي قسم آهن . آتش ٽڪر ، تهدار ٽڪر ۽ تبديل ٿيل ٽڪر .
آتشي ٽڪر: هي زمين اندر ٽهڪندڙ مادي جا ٺهيل آهن . جنهن کي ميگما ( Magma ) چئجي ٿو . ڪن سببن جي ڪري جڏهن زمين اندر گرم ٽڪرن تي داٻ گهٽجي وڃي ٿو ته ٽهڪندڙ مادو ميگما جي صورت اختيار ڪريو وٺي . سخت داٻ هيٺ ، ميگما مٿين ٽڪرن کي پري ڪري زمين جي مٿاڇري ڏانهن وڌي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪمزور حصي يا ڏار مان ٻاهر نڪري اچي ٿو ، جنهن کي لاوا ( Lava ) چئجي ٿو ۽ لاوا ٿڌو ٿي ٽڪرن جي شڪل وٺي ٿو . انهن ٽڪرن کي ” سونهري ٽڪر “ چئجي ٿو . انهن جي سڃاڻپ اها آهي ته اهي شيشي وانگر چمڪندڙ ۽ ڪائي جهڙن قلمن ( Crystals ) جا ٺهيل هوندا آهن .
ڪڏهن ڪڏهن ميگما زمين جي مٿان نه پهچي سگهندو آهي ۽ اندر ئي ٿڌو ٿي ٽڪرن جي شڪل وٺندو آهي . اهڙن ٽڪرن کي ” اندريان آتشي ٽڪر “ چئبو آهي . جيڪي آتشي ٽڪرن جي نسبت وڌيڪ کهرا ٿين ٿا ۽ سندن قلم به وڏا ٿين ٿا . ٻاهرين آتشي ٽڪرن جا مثال گريفائيٽ جبل آهن ، جيڪي رستن ٺاهڻ ۽ عمارتن جي اڏاوت ۾ ڪم اچن ٿا . اندرين آتشي ٽڪرن جو هڪ قسم بسالٽ ٽڪر آهن ، جيڪي سائي يا ڀوري رنگ تي مائل ٿين ٿا . ( وڌيڪ ڏسو: ” آتش فشان “ )


لفظ ٽڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو