ٽڪلو2

ٽڪلو2

ٽڪلو2

ٽڪلو (ننڍو) Little Green Bee-eater / Merops orientalis :هي مکيون خور سائو پکي 22 سينٽي ميٽرن جو ٿئي ٿو. ان جا نر ماد هڪ جهڙا ٿين ٿا. پَـرن ۽ جسم جو رنگ هلڪو طوطائي ۽ پڇ جو رنگ ڪجهه وڌيڪ گهرو ٿئيس ٿو. مٿو ۽ ڪنڌ هلڪي سروٽي رنگ جو اٿس، ڳچي ۽ ڳل آسماني نيري رنگ جا، ڳچيءَ ۾ سنهو ڪارو ڪنٺ، چهنب کان اکين، ڪنن ۽ ڪياڙيءَ تائين ٿلهو ڪارو ليڪو ھوندو اٿس ڄڻ ته هيڪاندو ڪجل پاتو هجيس. پُڇ جا وچان کنڀ سنها، ڊگها، نوڪدار ۽ هلڪا نيرا ھوندا اٿس. چهنب ڪوڪي جهڙي ڊگهڙي پر ڪجهه مڙيل اٿس. ٻين ٽڪلن وانگر هي ڪافي رنگين پکي آهي. هن جو پڇ نون انچن جو، جنهن جي ويڪر ٻه انچ ٿئي ٿي. سندس ٽنگون گهري ناسي رنگ جون ٿين ٿيون. سندس پير جڙيل آهن. سندس آواز تري ....تري....تري... وانگر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هي پکي سنڌ کان سواءِ آفريڪا جي رڻ پٽ، سينگال، اٿوپيا ۽ نيل جي ماٿري مصر ۾ به ڏٺو ويو آهي. ان کانسواءِ اولهه سعودي عرب ۽ ايشيا جي هندوستان کان ويٽنام تائين ڏٺو ويو آهي.
هي پکي وڻڪار وارين ٻهراڙين، پوکن ۽ نيم صحرائي ماحول ۾ آبادين وٽ ڏسڻ ۾ آهي. اڪثر ڪنهن ٿنڀي يا تار تي ويٺل نظر ايندو آهي ۽ هڪ جاءِ تي نه ويهندو آهي. ھر وقت جيتن جي تاڙ ۾ هوندو آهي. هي پکي ٻنين، نخلستانن ۽ انساني آبادين جي ويجهو رهي ٿو. اتي ئي ڪنهن وڻ تي آنا ڦوڙي ٻچا ڏئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو