ٽڳڙ

ٽَڳَڙُ: هڪ ذات جو نالو. ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آهي ته ٽڳڙ، پنجاب کان آيل جت (جاٽ) آهن. ”جامع سنڌي لغات“ ۾ پنجاب کان آيل سرائي ذات جا 24 پاڙا ڄاڻايل آهن، جن مان هڪ پاڙي جو نالو ”ٽڳڙ“ آهي. ايس. صادق علي جي لکڻ موجب ”ٽڳڙ“، سمن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي. جڏهن ته ٽڳڙ پاڻ کي ابڙا چون ٿا.


لفظ ٽڳڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو