پائريا

پائريا (Pyrrhoea ):اصل ۾ هيءَ مهارن جي بيماري آهي. هن بيماريءَ جو گڏيل اثر ڏندن تي به پوندو آهي، تنهنڪري محاوري طور هن بيماريءَ کي ڏندن جي بيماري به سڏبو آهي. هن بيماريءَ ۾ مريض جون مهارون ڏندن جي پاڙن وٽان ڪمزور ٿي وينديون آهن، جنهن جي ڪري مهارن مان رت ۽ پونءِ گڏ وهندا آهن ۽ وات ۾ ڌپ (ڪني ڇٽ) ٿي پوندي آهي، مهارن ۾ ڪمزوري ۽ بيماريءَ ڪري مهارون ڏند ڇڏي بيهنديون آهن، گهڻائيءَ ۾ ڏند هن بيماريءَ ڪري بي رونق ٿي ڦڪا ٿي ويندا آهن ۽ ڏندن ۾ سور به ٿيندو آهي، جيڪڏهن هن بيماريءَ جو خاطر خواهه علاج نه ڪرائبو ته ڏند مهارن جي پاڙن کان پهريائين ڪمزور ٿي لڏڻ لڳندا آهن ۽ آخر ۾ ڪري پوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو