پائي جي تصوير

پائي جي تصوير

پائو

پائو/ پاڳو: کٽ يا پلنگ جو پائو، پاوا جدا جدا گهاڙيٽي جا ٿيندا آهن. مثال طور: ڪي چورس پاوا، ڪي سادا، ڪي گول چوڙيدار ته ڪي گول جنڊيءَ وارا ٿيندا آهن. جنڊيءَ وارا پاوا خاص هالا ۽ ٿرپارڪر ۾ ٺهندا آهن. هالا واري علائقي ۾ لاکا ۽ وگهامل جنڊيءَ جي ڪم ۾ مشهور آهن ۽ ٿر ۾ سوٽهڙ (واڍا) جنڊيءَ ۽ ڪاٺ تي اُڪر جو سُٺو ڪم ڪن ٿا. ٿر ۾ روهيڙي مان تيار ڪيل فرنيچر، ٻئي ڪنهن وڻ مان ٺاهيل کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پائيدار هوندو آهي. پاوا سنڌ ۾ ٿر ۽ هالا کان سواءِ ڪشمور ۾ به ٺهندا آهن. پر انهن جي جنڊيءَ جي ڪم ۾ سادگي آهي.


لفظ پائوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو