پائِي2

پائِي2: هن نالي سان سنڌ ۾ ٻه ديهون موجود آهن. هڪڙي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:سٻوجهه ساند، جمعو مري، مير حسن مري، مزور مري، شهڪ مري، خدا آباد، دوست محمد مڪراني، دل شير خان مري، عارف چيما، فقير محمد ڊوگر ۽ عبدالمجيد مڪراني.ٻي ديهه ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: موسيٰ واهڻ، فضل چانڊيو، سيد ڇُٽن شاهه، حاجي اسماعيل چانڊيو، اندرائي ٽڳا ۽ قائم چانڊيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو